رتن جوت2

رتن جوت2

رتن جوت2

رتن جوت (ٻوٽي:Periwinkle ): رتن جوت نالي سان ڪيتريون ئي شيون مشهور آهن. رتن جوت هڪ ٻوٽي به آهي، جيڪا تمام سخت پٿريلي زمين ۾ ڪرڙ جي پاڙ ۾ پيدا ٿيندي آهي. هيءَ هڪ ننڍي ٻوٽي آهي، جنهن جون ڏانڊيون ڳاڙهيون ٿينديون آهن. هن ٻوٽيءَ جا پن به ڳاڙهي رنگ جا ٿيندا آهن ۽ ان جي شڪل لوڻياٺي ساڳ وانگر ٿيندي آهي. جيڪڏهن هن ٻوٽي کي ڪپي رکي ڇڏبو ته ٻن ٽن مهينن تائين اصلي حالت ۾ قائم رهندي آهي. حڪيمن موجب هن ٻوٽيءَ جو تاثير ٿڌو آهي. حڪيمن ان جي استعمال جا ڪيترا فائدا ٻُڌايا آهن، جن ۾ رت کي صاف ڪرڻ، گردن ۽ مثانن جي پٿريءَ کي ڪڍڻ وغيره شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو